طالب الله مخدوم

طالب الله، مخدوم: هي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو ڏاڏو ۽ مخدوم محمد اميين جو پيءُ هو. مخدوم طالب الله بدين جو رهاڪو هو ۽ ذات جو دل لاکو هو. هي وڌي ڪرامت ۽ فضيلت وارو بزرگ هو. هن پنهنجي وڏي پٽ محمد کي پنهنجي پاران اورنگزيب عالمگير جي دربار ۾ موڪليو، جتان سندس پٽ محمد کي ڏهه هزار ڌرم معاش لاءِ ۽ هڪ رپيو روزانو مدرسي جي خرچ لاءِ مقرر ٿي پروانو عطا ٿيو. اورنگزيب عالمگير جي خاص مقربن مان مير منشي فاضل خان، مخدوم طالب الله جو خاص مريد هو. انهي ڪري مير منشي فاضل خان پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مخدوم طالب الله جي پٽ مخدوم محمد امين کي ڏنو، مخدوم محمد اميين کي انهي گهرواريءَ مان پٽ جو اولاد ٿيو سندس اهو پٽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. مخدوم طالب الله وڏي عمر ۾ مغل گورنرن جي دؤر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو